نوجوان جي خودڪشي جو واقعو شدت اختيار ڪري ويو،اهم انڪشاف

دڙو(ن سنڌيار) دڙي ڀرسان ڳوٺ سومار سومرو ۾ 18 سالن جي ڳڀرو نوجوان بلال ولد ملوڪ سومرو جي خودڪشي وارو واقعو شدت اختيار ڪري ويو، نوجوان جي وارثن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان نوجوان کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪندڙ پ پ ليڊيز ونگ ضلعي سجاول جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ياسمين سولنگي جي پٽ اعظم سولنگي سميت ٻين مبينا جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاء 4 ڪلاڪن تائين لاش روڊ تي رکي ھنيل ڌرڻي بعد پ پ اڳواڻ ارباب وزير ميمڻ ۽ ٻين طرفان ڪيل ڳالھين ٻولھين بعد رات دير سان مقتول نوجوان جي لاش جو دڙو اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، جڏھن تہ نوجوان جي تدفين رات دير سان سڏڪن، دانھون ۽ آھون سان سندس اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي، ان کان اڳ دڙو پوليس طرفان الزام ھيٺ آيل پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ياسمين سولنگي جي ڀاء اعجاز سولنگي کي گرفتار ڪيو ويو آھي، مقتول ڌر جي احتجاجي ڌرڻي ۾ پ پ اڳواڻ ارباب وزير ميمڻ، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ رفيعہ پليجو، نوازليگ اڳواڻ اقبال سومرو، پ پ جي محمد خان ڪڇي، ارباب ابراھيم ميمڻ، شيرازي گروپ جي علي اڪبر عيساڻي ۽ ٻين شھرين يڪجھتي طور وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ھوڏانھن ناليواري قانونڌان ۽ مقتول جي وارث ميڊم تحسيم سومرو، محمد خان سومرو ۽ ٻين پريس ڪلب دڙو جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو تہ مقتول نوجوان بلال سومرو کي خودڪشي طرف ڌڪيندڙ جوابدارن خلاف دڙو پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاء تيار ناھي، جيڪڏھن انصاف نہ ٿيو تہ نيشنل ھائي وي تي تاريخي ڌرڻو ھڻنداسين، جڏھن تہ الزام ھيٺ آيل پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ياسمين سولنگي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ نوجوان بلال سومرو جي خودڪشي واقعي سان سندس پٽ جو ڪوبہ تعلق ناھي، پوليس منھنجي ڀاء اعجاز سولنگي کي بيگناھ گرفتار ڪيو آھي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪوبہ ڪيس داخل نہ ٿي سگھيو آھي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو