تاثر ڏنو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ فوج جي خلاف آهي:عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هاڻ سازش ڪئي پئي وڃي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي کي فوج سان وڙهايو وڃي ۽ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته پي تي آءِ فوج جي خلاف آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته اڄ چيو پيو اسان غدار آهيون ۽ اهي محب وطن آهن، فوج ۽ اسان جي وچ ۾ ويڙهه جي سازش ڪندڙ ئي اهي آهن، جيڪي امپورٽڊ حڪومت ۾ آهن. هن چيو ته انهن ماڻهن جا مفاد ملڪ کان ٻاهر آهن، اهي اڄ اسان کي چئي رهيا آهن ته اسان غدار آهيون، توهان ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي کي فوج جي خلاف چئو ته ان کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه نٿي ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ڪجهه به ناهي، ڪرپٽ پارٽيون ڪڏهن فنڊ ريزنگ نه ٿيون ڪري سگهن، ماڻهن اسان کي پئسو ڏنو، اسان وٽ آڊٽ بڪ موجود آهي، اسان اليڪشن ڪميشن کي سمورا تفصيل ڏنا آهن، ننڍي چونڊ ۾ انهن ڀرپور ڌانڌلي ڪئي پوءِ به انهن جا سمورا منصوبا فيل ٿي ويا، اسان کي اهي ايندڙ چونڊن ۾ نٿا هارائي سگهن، تنهن ڪري اهي ٽيڪنيڪل ناڪ آئوٽ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڀارت کي وڏي تڪليف هئي ته عمران خان ۽ فوج هڪ ئي پيج تي آهن ۽ نئين دهلي اسان کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڊس انفوليب قائم ڪئي پر اسان جي سوشل ميڊيا جي جوانن ڊس انفوليب کي وائکو ڪيو. عمران خان چيو ته رجيم چينج جي سازش هاڻ به جاري آهي، اسان جي حڪومت ڪيرائڻ کانپوءِ ڀارت ۾ خوشيون ملهايون ويون، مير جعفر ۽ مير صادق ٻاهرين سازش سان منهنجي حڪومت ڪيرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو