پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل گرفتار، بغاوت جو ڪيس داخل

پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل گرفتار، بغاوت جو ڪيس داخل

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو.اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد تصديق ڪئي آهي ته شهباز گل کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت سخت پريشاني ۾ مبتلا آهي.مراد سعيد چيو ته شهباز گل جي گاڏي جا شيشا به ٽوڙيا ويا ۽ ڊرائيور کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو.جڏهن ته ان حوالي سان فواد چوڌري جو چوڻ هو ته شهباز گل کي بني گالا چوڪ وٽان ماڻهن اغوا ڪيو، جيڪي نمبر پليٽ کانسواءِ گاڏين ۾ آيا.اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته شهباز گل خلاف ادارن خلاف بيان بازي ۽ ماڻهن کي ادارن خلاف ڀڙڪائڻ تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته شهباز گل خلاف ڪيس ۾ ادارن ۽ اڳواڻن خلاف ڀڙڪائڻ سميت ٻيون دفعات شامل ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو