ملنگا ون ڊي ڪرڪٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ملنگا ون ڊي ڪرڪٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪولمبو(ڊيسڪ رپورٽ) سريلنڪا جي دوري تي آيل بنگلاديش جي ٽيم کي ٽن ون ڊي ميچز جي سيريز ۾ ميزبان ٽيم 91 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي ۽ ان موقعي تي لاست ملنگا ون ڊي ڪرڪٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هن ميچ ۾ ملنگا 39 رنز تي 4 آئوٽ ڪيا. ڪسال پريرا تڪڙي سينچري هڻي فتح جو بنياد رکيو. گهنگرو وارن ۽ نرالي انداز واري فاسٽ بالر چيو ته هاڻي منهنجي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ مان وڃان پيو. ون ڊي ڪرڪٽ ۾ ملنگ 338 وڪٽ ورتيون ۽ ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو. سندس ساٿي ڪرڪٽرن بيٽس جي ٻنهي پاسي قطار ٺاهي کيس کلندي الوداع ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو