ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سيشن ڪورٽ ۾ مشهور ميزبان عامر لياقت حسين جي قبر کوٽڻ جو حڪم معطل ڪرڻ لاءِ نظرثاني درخواست داخل ڪئي وئي آهي.مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي عامر لياقت جي اڳوڻي گهرواري بشرا اقبال طرفان هڪ پيغام جاري ڪيو ويو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بشرا اقبال چيو ته مرحوم عامر لياقت جي قبر کشائي جو حڪم معطل ڪرڻ لاءِ سيشن ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ وارا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته الله تعاليٰ ان معاملي کي احمد ۽ دعا (پٽ ۽ ڌيءَ) جي حق ۾ حل ڪندو، انشاءَ الله.










