اليڪشن ڪميشن جو فيصلو  عدالت ڪالعدم ڪندي:پي ٽي آءِ

اليڪشن ڪميشن جو فيصلو عدالت ڪالعدم ڪندي:پي ٽي آءِ

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري الزام لڳايو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا پي ٽي ايم جو اوزار بڻجي ويو آهي.فواد چوڌري چيف اليڪشن ڪمشنر کي پي ٽي ايم جو اوزار قرار ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جلدبازي ۾ ٻه فيصلا ڪيا، حڪومتي ريفرنس بعد ۾ فيصلي ۾ شامل ڪيو ويو.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اميد ظاهر ڪئي ته عدالت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي.پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر به الزام هڻندي چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي ايم جي ماتحت بڻجي وئي آهي، پرڏيهي بڻيل سمورا ماڻهو پاڪستاني آهن، جڏهن معاملو عدالت ۾ پهچندو ته کين ڪلين چٽ ملندي.گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي بابت بيان تي اسد عمر چيو ته راڻا ثناءُ الله کي وڏيرن کي مارڻ جو وڏو شوق آهي، هو اهڙيون ڳالهيون ڪندو رهندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو