ميمبرن جي استعيفيٰ، اعتراض ختم ڪرڻ لاءِ رجسٽرار آفيس کي هدايت

ميمبرن جي استعيفيٰ، اعتراض ختم ڪرڻ لاءِ رجسٽرار آفيس کي هدايت

اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن جي استعيفيٰ جي مرحليوار منظوري خلاف اسد عمر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي سندس وڪيل کي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.وقتي چيف جسٽس عامر فاروق رجسٽرار آفيس جي اعتراضن سان گڏ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار طرفان ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن دليل ڏيندي چيو ته رجسٽرار آفيس جو اعتراض آهي ته اٿارٽي ليٽر نه لڳايو ويو آهي، ان کي ختم ڪيو وڃي.وقتي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته اها درخواست اسد عمر کي نه ڏيڻ گهرجي ها، توهان کي لٺ کڻڻي آهي، استعيفيٰ ڏيڻي آهي ۽ ان جي منظوري انفرادي عمل آهي، جيڪڏهن فيصلو اچي ته سڀاڻي ڪير اچي اهو چئي نه سگهي. درخواست ڪندڙ نه هئا.وقتي چيف جسٽس کيس رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.درخواست ۾ اسد عمر استعيفيٰ ڏيندڙ سمورن 123 ميمبرن کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ ۽ سيٽون خالي قرار ڏيڻ جو حڪم جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو