سينئر صحافي جو مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

سينئر صحافي جو مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪراچي(رپورٽر)ناليوارو انساني حقن جو اڳواڻ، ليکڪ، صحافي، تجزيھ نگار استاد اختر حسين بلوچ پنھنجي 54 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، آچر جي رات پنھنجي گارڊن واري گھر ۾ اوچتو طبعيت خراب ٿيڻ جي ڪري اختر بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو، رابطو ڪرڻ تي سندس گھر ڀاتين ٻڌايو تھ ڪالھھ رات ساڍي 10 وڳي جي اختر بلوچ ٻڌايو تھ کيس بيچيني ٿي رھي آھي، جنھن جي ڪجھھ ئي گھڙين بعد لاڏاڻو ڪري ويو، سينيئر فوٽو جرنلسٽ اختر سومرو موجب تھ جمعي تي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيندڙ تقريب کان واپسي تي اختر بلوچ کيس ٻڌايو تھ بخار ٿي ويو آھي، مان سندس گھر ڊاڪٽر کي وٺي آيس تھ خبر پئي تھ بلڊ پريشر لو ٿي ويو آھي، ڇنڇر تي بھ سندس بلڊ پريشر لو رھيو، رات جو دير سان اطلاع مليو تھ اختر بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو آھي، جڏھن تھ اختر بلوچ جي نماز جنازا گارڊن ويسٽ جي فقيري مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، اختر بلوچ جو مڙھھ بلديا ٽائون جي گلشن غازي ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏھن تھ جنازي نماز ۾ ايڇ آر سي پي جو اسد اقبال بٽ، ايڌي فائونڊيشن جو فيصل ايڌي، سعيد بلوچ، پروفيسر توصيف احمد، سھيل سانگي، مھيش ڪمار، عارف بلوچ، اڪرم بلوچ، اختر سومرو، سعيد جان بلوچ، سعيد سربازي، منير ساقي، رزاق ابڙو، حنيف ماڃوٺي، شمس ڪيريو، تنوير ملڪ، امر گرڙو، نور محمد ڪلھوڙو، نصرللھ جمالي، راھب ڳاھو، شاھد ميراڻي، اعجاز ڪورائي، مجاھد شاھھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صوبائي وزير سعيد غني چيو تھ اختر بلوچ ھڪ زندھ دل، محنتي ۽ پنھنجي شعبي سان محبت ڪندڙ انسان ھو، سندس وفات سان صرف صحافي برادري ئي نھ پر ڪيترن ئي شعبن سان تلق رکندر محروم ٿي ويا آھن،اللھ پاڪ مرحوم جي مغفرت فرمائي، جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل جي توفيق ڏئي، ايڊمنسٽريٽر ۽ سنڌ حڪومت جو ترجمان مرتضيٰ وھاب چيو تھ اختر بلوچ جو صحافت نمايان نالو ھو، سندس صحافت جي الءِ ڪيل خدمتن کي قدر جي نگاھھ سان ڏٺو ويندو. اللھ پاڪ مرحوم جي مغفرت فرمائي، جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر زين شاھھ ۽ ترجمان خواجھ نويد سينيئر صحافي اختر بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظھار ڪندي چيو تھ اختر بلوچ جو لاڏاڻو صحافت جي شعبي ۾ ھڪ باب جي پڄاڻي آھي، ھو پنھنجي قلم جي ذرعي انتھائي بي باڪي سان عوامي مسئلن کي اجاگر ڪندو ھو، ھنن چيو تھ ھو جمھوريت جو وڪيل ھو ۽ سڄي حياتي صحافتي اصولن تي ھليو، اللھ پاڪ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي. فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ سردار عبدالرحيم، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، جنرل سيڪريٽري رضوان ڀٽي، نائب صدر شيد ميمڻ، خزانچي وحيد راڄپر سميت گورننگ باڊي جي عھديدارن ڏک جو اظھار ڪيو. اختر بلوچ 14 مئي 1967ع ۾ ميرپور خاص جي بلوچ محلي ۾ غلام حسين بلوچ جي گھر ۾ پيدا ٿيو، پرائمري کان گريجوئيشن تائين تعليم ميرپور خاص ۾ پرايائين، ان ئي دوران ادبي تنظيمن سان لاڳاپيل رھيو، اختر بلوچ جو شمار سنڌي کان اردو ۾ ترجمي ڪرڻ م بھ گھڻو مشھور رھيو آھي، 1998ع ۾ صحافتي ذميواريون نڀائڻ لاءِ حيدر آباد منتقل ٿيو، جتي 2005ع تائين پنھنجون صحافتي خدمتون سر انجام ڏنيون انھي سان گڏ ئي پاڪستان ھيومن رائٽس ڪميشن جو صوبائي عھديدار بھ رھيو، 23 مارچ 2003ع تي سندس نالو کنڀي گم ڪيل ماڻھن جي فھرست ۾ شامل ٿي ويو، پر ھو جلد ئي بازياب ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي منتقل ٿي آيو، 2010ع ۾ اختر بلوچ جو ڪتاب تيسري جنس شايع ٿيو، جڏھن تھ 2013ع کان اختر بلوچ ڪراچي جي پراڻين عمارت، روڊن ۽ شخصيتن جي حوالي سان ڊان ڊاٽ ڪام تي بلاگ لکيا، اختر بلوچ جا بلاگ اردو، انگريزي ۽ سنڌي ۾ شايع ٿيندا رھيا، 2016ع ۾ “اردو ادب ۾ انسان دوستي” جي موضوع تي ڪراچي يونيورسٽي مان ايم فل ڪئي. اختر حسين بلوچ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ بطور وزٽنگ ليڪچرار خدمتون سرانجام ڏئي رھيو ھو، جڏھن تھ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ تيسري جنس، ڪرانچي والا کان سواءِ سنڌي مان اردو ۾ ترجمو ڪيائين، جڏھن تھ پي ايڇ ڊي ۾ “اردو ادب ۾ انسان دوستي” موضوع ھيس. اختر بلوچ صحافت ۾ بھ پنھنجون مختلف اخبارن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، پاڻ مختلف ناليوارين سياسي، سماجي شخصيتن کان ڪيترائي انٽرويوز ڪيا، اختر بلوچ پونئرن ۾ ھڪ بيوا، ھڪ پٽ ۽ ٻھ نياڻيون ڇڏيون آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو