ايندڙ مهيني عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جو امڪان

ايندڙ مهيني عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو)ايندڙ آگسٽ مهيني ۾ ماڻهن تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جو امڪان آهي. تفصيل موجب پهرين آگسٽ 2022ع کان عوام کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 10 کان 17 رپيا في ليٽر واڌ جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو. انڊسٽري ذريعن موجب پيٽرول جي اگهه ۾ 10 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 16 کان 17 رپيا واڌ جو اندازو پيٽروليم ليوي شامل ڪرڻ کانسواءِ آهي. حڪومت پيٽرول تي 5 رپيا في ليٽر پيٽروليم ليوي وڌائي ته موگاس جي قيمت 15 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت 23 رپيا في ليٽر ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو