مون سون ۾ ڊينگي ۽ مليريا پکڙڻ جو خطرو

مون سون ۾ ڊينگي ۽ مليريا پکڙڻ جو خطرو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)صحت جي ماهرن مون سون جي موسم دوران ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ ڊينگي ۽ مليريا جي وبا پکڙجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.شهر قائد ۾ هر سال برساتن جي موسم ۾ ڊينگي ۽ مليريا جي ڪيسن ۾ اضافو ٿيندو آهي پر هن ڀيري صورتحال ڪجهه وڌيڪ سنگين بڻيل آهي ڇاڪاڻ ته شهر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف غيرمعمولي برساتن ۽ نيڪال جي ناقص صورتحال سبب ڊينگي ۽ مليريا جي وباء جو خدشو پڻ وڌي ويو آهي.ڊينگي جو مڇر برساتن کانپوءِ ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي روڊن رستن تي جمع ٿيندڙ صاف پاڻي ۾ پيدا ٿئي ٿو.ان صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جو هڪ بهتر حل اهو هوندو ته ڊينگي پکيڙيندڙ مڇر جي پيدا ٿيڻ کان اڳ شهر ۾ مچھر مار دوا اسپري ڪيو وڃي.ان حوالي سان ڊائو يونيورسٽي جي ماليڪيولر پيٿولوجسٽ پروفيسر ڊاڪٽر سعيد خان ميڊيا کي ٻڌايو ته جيڪڏهن سڄي شهر ۾ فيوميگيشن نه ڪئي وئي ته مليريا جا ڪيس به وڌي سگهن ٿا.هنن جو چوڻ آهي ته ڊينگي بخار جي فوري طور تي پکڙجڻ جو خطرو تمام گهڻو هوندو آهي، جيڪو پکڙجندڙ ماده ايڊيس ايجيپٽي مڇر آهي، جيڪا نم مٽيءَ ۾ پنهنجا آنا ڏيندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو