اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پنهنجي ئي پارٽي جي پنجاب اسيمبلي ميمبر مسعود مجيد تي 40 ڪروڙ رُپيا وٺي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ ۽ سندس 12 اتحادين کي شڪست ٿي. هن چيو ته پنجاب جي عوام فيصلو ڪيو آهي ته تخت لاهور تي تحريڪ انصاف جو حق آهي، ڪور ڪميٽي پنجاب جي وڏي وزير لاءِ پرويز الاهي کي نامزد ڪيو آهي. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ وڏي وزير جي چونڊ لاءِ شيطاني راند شروع ٿي ڪئي وئي آهي، ملڪ جو گهرو وزير چئي رهيو آهي ته 5، 6 ميمبر هيڏانهن هوڏانهن ٿي سگهن ٿا، پنڊي واري سيٽ تي ري ڪائونٽنگ جو آرڊر ڏنو ويو آهي. هن الزام لڳائيندي چيو ته رحيم يار خان مان اسان جو ايم پي اي مسعود مجيد مبينا طور 40 ڪروڙ رپيا کڻي ترڪيه پهچي چڪو آهي. هن چيو ته مخالف ڪنهن کي دبئي ته ڪنهن ترڪيه ۾ هوٽل بڪ ڪرائي پيا ڏين. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته عطا تارڙ اسان جي ايم پي اي سان رابطو ڪيو آهي، اندازو لڳايو ته 30 کان 35 ڪروڙ رُپيا ايم پي اي کي ڏئي رهيا آهن، جيڪڏهن اهڙي نموني ميمبرن کي خريديو ويو ته پاڪستان ۾ جهموريت جو ڪو مستقبل ناهي.هوڏانهن مسلم ليگ ن جي ميمبر صوبائي اسيمبلي پنجاب الياس چنيوٽ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ (ق) کيس 10 ڪروڙ رپين جي آڇ ڪئي پر هن انڪار ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي ايم پي اي الياس چنيوٽ چيو ته مان هينئر حج تان آيو آهيان، حمزه شهباز جي ڪاميابي لاءِ دعا گهري آهي، هنن مون سان سعودي عرب ۾ به رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، فون اچي رهيا هئا. الياس چنيوٽ چيو ته مون سان اڳي ئي منهنجي هڪ واقفڪار رابطو ڪيو، کيس چيو ويو ته 2 ڪروڙ وٺي، ايم پي اي سان 10 ڪروڙ ۾ ڊيل ڪيو. ن ليگ ايم پي اي چيو ته 10 ارب رپيا هجن ته به هو پنهنجي پارٽي سان گڏ هوندا، حمزه شهباز 22 جولاءِ تي وڏو وزير هوندو. هن چيو ته هارس ٽريڊنگ تي اڃا به پابندي آهي، مون کي چيو ويو ته توهان اتي رهو هاڻي نه اچو، ماڻهن جو اسان تي اعتماد آهي، هزارين ماڻهن اسان کي ووٽ ڏنو آهي، ووٽ امانت آهي، ڪنهن جو لالچ ٿيندو، حمزه شهباز کي ووٽ ڏيو. مان اڇلائيندس.










