ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)شيخ ڀرڪيو ويجهو ڳوٺ علي بخش پنهور ۾ ڪالھ واري تيز طوفاني برسات سبب بجلي جا کنڀا تارون ۽ ٽرانسفارمر ڪرڻ سبب ڳوٺ جي رهواسين مولوي غلام نبي پنهور حاجي محمداسحاق پنهور عباس علي پنهور حافظ بشير احمد پنهور غلام علي پنهور اسحاق پنهور سميت ڳوٺ جي مدرسي جي شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري واپڊا انتظاميا خلاف سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن ۽ مدرسي جي شاگردن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ طرف ۽ ڳوٺ اندر بجلي جا کنڀن جا باري ۾ علائقي جي چونڊيل نمائندن ۽ واپڊا انتظاميا کي بار بار درخوستون مهيا ڪيونسين پر ڪوبه دادفرياد نه ٿيڻ ڪري ڪالھ شام واري تيز طوفاني برسات سبب مڪمل بجلي جا کنڀا بجلي جو تارون ۽ ٽرانسفارمر اسان جي گهرن لوڙهن مٿان ڪري ويا پر خدا جي فضل وڪرم سان جاني مالي ڪوبه نقصان نه ٿيو پر سخت گرمي سبب مدرسي جي تعليم بند ٿي وئي آهي پيئڻ جي پاڻي ۽ وضو لا۽ پاڻي جي قلت پيدا ٿي وئي آهي سڄو ڳوٺ انڌهيري ۾ اچي ويو آهي ڳوٺاڻن ۽ مدرسي جي شاگردن علائقي جي چونڊيل نمائيندن سميت واپڊا انتظاميا ۽ وزير اعلا سنڌ کان پرزور مطالبو ڪندي چيو ته فورن اسان جي ڳوٺ ۾ بنا دير بجلي بحال ڪري کنبا لڳرايا وڃن ته جئين پاڻي جي قلت ختم ٿي سگهي ۽ مدرسي ۾ تعليم جو نظام بحال ٿي سگهي نهڌته ٻي صورت ۾ واپڊا آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو










