لاهور (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل کي هڪ ارب رپيا هرجاڻي جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي.سليمان شهباز طرفان موڪليل قانوني نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عمران اسماعيل سولر ڪانٽريڪٽ بابت بي بنياد الزام هنيا.سليمان شهباز عمران اسماعيل کي هڪ ارب رپيا هرجاڻي جو نوٽيس موڪليندي 14 ڏينهن ۾ معافي جو مطالبو ڪيو آهي، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عمران اسماعيل معافي نه گهري ته قانوني ڪارروائي جو حق رکي ٿو.










