ڊي ايڇ او آفيس جي اڪائونٽنٽ جي زيادتين خلاف احتجاج

ڊي ايڇ او آفيس جي اڪائونٽنٽ جي زيادتين خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)جيئي سنڌ محاذ پاران ڊي ايڇ او آفيس جي اڪائونٽنٽ ھوت چند کتري خلاف جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر زاهد جسڪاڻي، ايوب ڪوريجو، اصغر نوناري، رافع پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان آڏو احتجاجي مظاهرو سخت نعريبازي ڪرپٽ اڪائونٽنٽ ھوت چند کتري کي ھٽائڻ جو مطالبو ان موقعي مظاھرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪرپشن جي انڪوائري ۾ ملوث اڪائونٽنٽ ھوت چند کتري کي ڊي ايڇ او آفيس ٽنڊو محمد خان ۾ ٻيھر مقرر ڪري ڪرپشن کي ھٿ وٺي ڪيو پيو وڃي جيڪا ٽنڊو محمد خان جي عوام سان سراسر ناانصافي آهي جنھن تي ڪنھن بہ صورت ۾ جيئي سنڌ محاذ خاموش نہ رھندي سرڪاري اسپتالن اندر غريب مسڪين مريضن کي ڪا به سھولت ميسر نہ آهي جنهن ڪري ھو مجبور ٿي پرائيويٽ اسپتالن ڏانهن رخ ڪندا آهن جتي علاج مھنگو ھئڻ ڪري ھو موت جو کاڄ بڻجي ويندا آهن پر ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪرپشن کان سواءِ ٻيو ڪجھ بہ نہ ٿي رھيو آھي ھنن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت جي ٽنڊو محمد خان مان چونڊيل اسيمبلي ميمبرن جي آشيرواد سان ٻيھر مقرر ٿيندڙ انڪوائري ۾ ملوث ڊي ايڇ او آفيس جي اڪائونٽنٽ ھوت چند کتري کي فوري طور ھٽايو وڃي ٻي صورت ۾ ڊي ايڇ او آفيس جي سامھون سخت احتجاجي ڌرڻو لڳايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو