ڪيوي آل رائونڊر مچل سينٽر ڪورونا جو شڪار

لنڊن(ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ جو آل رائونڊر مچل سينٽنر به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب سينچورين جي آئرلينڊ روانگي ۾ دير ڪئي وئي جڏهن ته ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ کانپوءِ هو. نيوزيلينڊ ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 10 جولاءِ کان شروع ٿيندي. مچل سينٽنر کي ون ڊي سيريز ۾ شرڪت بعد ٽي 20 ٽيم جي ڪپتاني ڪرڻي هئي. ڪيوي عملدارن موجب سينچورين ڪورونا ٽيسٽ ڪليئر ٿيڻ کانپوءِ ئي آئرلينڊ روانو ٿيندو. مچل سينٽنر 10 جولاءِ تي شروع ٿيندڙ سيريز کان اڳ پنهنجي بحالي بابت پراميد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو