اوئن مورگن پاران عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

اوئن مورگن پاران عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪپتان اوئن مورگن عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو. مورگن طرفان رٽائرمينٽ جو فيصلو فارم ۾ نه هئڻ ۽ انجريز سبب ڪيو ويو انگلينڊ ۽ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اوئن مورگن جي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جي تصديق ڪئي وئي آهي. انگلش ٽيم اوئن مورگن جي قيادت ۾ 2019ع ۾ عالمي ڪرڪيٽ ۾ پهرين ڀيرو آءِ سي سي ورلڊ ڪپ کٽيو مورگن 2010ع ۾ ويسٽ انڊيز ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جو به حصو رهيو. مورگن انگلينڊ طرفان 248 ون ڊي، 115 ٽي ٽوئنٽي ۽ 16 ٽيسٽ ميچون کيڏيون

پهنجو تبصرو موڪليو