اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي پگهاردار طبقي لاءِ نئين ٽيڪس جي شرح ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايندڙ مالي سال 23-2022 جي بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي لاءِ رليف ختم ڪيو ويو آهي. نئين ترميم تحت 50 هزار رپيا ماهوار آمدني وارن تي ڪو به ٽيڪس نه لڳايو ويندو، جڏهن ته 50 هزار کان هڪ لک رپيا ماهوار آمدني وارن تي 2.5 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. 1 کان 2 لک رپيا ماهوار تنخواه رکندڙن تي 15000 رپيا في سال ٽيڪس لڳايو ويندو جڏهن ته 1 لک رپيا کان وڌيڪ ڪمائيندڙن تي 12.5 سيڪڙو في مهيني جي شرح سان ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. 2 کان 3 لک رپيا ماهوار تنخواه رکندڙن تي 165000 رپيا سالياني ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو، جڏهن ته 2 لک رپين کان وڌيڪ آمدني وارن تي 20 سيڪڙو في ماه ٽيڪس هوندو، اضافي رقم تي هر مهيني 25 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. 5 کان 10 لک رپيا ماهوار ڪمائڻ وارن تي 10 لک رپيا في سال جي حساب سان ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو ۽ 5 لک رپين کان وڌيڪ آمدني وارن تي 32.5 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. 29 لک روپيا في سال جي حساب سان ٽيڪس ادا ڪيو ويندو، رقم تي 35 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي پيٽروليم ليوي جي قيمت ۾ مرحليوار 50 رپيا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فنانس بل 2022-23 جي منظوري جي رٿ پيش ڪئي وئي ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ايندڙ مالي سال ۾ مرحليوار بنيادن تي پيٽروليم ليوي ٽيڪس ۾ 50 رپيا اضافي جي منظوري گهري، ايوان پيٽروليم شين تي 50 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو ڪرڻ جي ترميم منظور ڪري ورتي عائشه غوث پاشا جو چوڻ آهي ته اسان اهڙا ٽئڪس آڻي رهيا آهيون، جيڪي اميرن تي لڳندا، اسان اهو سڀ غريبن کي بچائڻ لاءِ ڪري رهيا آهيون ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته هن وقت پيٽروليم شين تي ليوي ٻڙي آهي، 50 رپيا في لٽر ليوي لاڳو نٿا ڪري سگهون










