چور گهر تي حملو ڪن ته ڇا چوڪيدار نيوٽرل رهندو ؟

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته مون ڪڏهن به نه سوچيو هو ته نومبر ۾ ڪنهن کي آرمي چيف لڳائڻو آهي، سوچيو هو ته نومبر آيو ته ميرٽ تي آرمي چيف لڳايو ويندو تقريب کي خطاب ڪندي ھن چيو تھ هنن کي خوف ورايو ته آئون جنرل فيض کي آرمي چيف لڳائڻ گهران ٿو، ائين ٿيو ته سندن مستقبل تباهه ٿي ويندو، کين فوج ۽ آءِ ايس آءِ کان خوف ٿيندو آهي، مون کي پنهنجو آرمي چيف لڳائڻ جي ضرورت ئي نه هئي فوج ۾ ميرٽ هوندي ته ادارو وڌيڪ سگهارو ٿيندو، آمريڪي پنهنجي مفادن لاءِ ٻين ملڪن ۾ حڪومتون تبديل ڪندو رهندو آهي، ڪابه غيرتمند قوم غلامي قبول ناهي ڪندي، پر هتي چون ٿا ته اهڙا خط ايندا رهندا آهن،،مون کي اڳ ئي چيو هو ته هي ٻئي جماعتون گڏ ٿي وينديون هڪٻئي کي چور چوندڙ پارٽيون هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ ٿي ويون آهن مان ميرٽ تي يقين رکان ٿو، هميشه ميرٽ تي عمل ڪيو آهي ڪڏهن به نه سوچيو ته نومبر ۾ ڪنهن کي آرمي چيف مقرر ڪرڻو آهي هنن جي ذهنن ۾ خوف اچي ويو ته مان جنرل فيض حميد کي آڻڻ چاهيان ٿو خرم دستگير چئي رهيو هو ته عمران خان پنهنجي مرضي جو آرمي چيف آڻڻ چاهي ٿو مان ڪڏهن به پنهنجي مرضي جو آرمي چيف آڻڻ جو نه سوچيو هو، هي ادارن تي ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿا ڇا هنن کي پنهنجو آرمي چيف کپي جيڪو هنن جي مدد ڪري ٻنهي پارٽين جو مفاد چوري ڪرڻ ۽ چوري بچائڻ آهي آمريڪا پنهنجي مفادن خاطر حڪومتون تبديل ڪندو آهي هنن ادارن ۾ پنهنجا ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن مان ڪڏهن به آمريڪا جو مخالف ناهيان رهيو اتر وزيرستان ۾ فوج موڪلي وئي ته مون ان وقت مخالفت ڪئي هئي آمريڪا جي دٻاءُ ۾ اسان اتر وزيرستان ۾ فوج موڪلي جنهن جڳهه تي هڪ فوجي يا چوڪي نه هئي اتي فوج موڪلي ظلم ڪيو ويو سڀ کان وڌيڪ انگريز فوجي اتر وزيرستان ۾ مئا هي مون کي طالبان خان چئي رهيا هئا نواز شريف ڀارت ويو ته اتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن سان به نه مليو اسان چاهيو ته ڀارت سان لاڳاپا بهتر ٿين، ڪوششون به ڪيون اسان آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ نه ٿا چاهيون پر اسان کي ٽشو پيپر به نه ٿيڻ گهرجي ذوالفقار ڀٽو جي چند سالن جي حڪومت کان سواءِ اسان غلامي ۾ گذاريو آهي اسان ماضي به استعمال ٿياسين، ڇااسان پنهنجا اڏا آمريڪا حوالي نه ڪيا؟ ڊرون حملن ۾ معصوم ٻارن کي قتل ڪيو ويو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو 150 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو.پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو اقتدار ۾ واپسي لاءِ ڪنهن پرڏيهي طاقت جي حمايت نه ٿو ڪري.پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻه حڪمران خاندان قانون جي بالادستي کان انڪار ڪن ٿا، انهن کي قانون جي بالادستي ۾ آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي.هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مسئلو ڪشمير آهي، ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پرعزم قيادت جي ضرورت آهي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اڳوڻين حڪومتن کي ڪرپشن سبب ختم ڪيو ويو پر اسان واحد حڪومت آهيون جنهن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي جڏهن ته موجوده حڪمران معيشت جو روڊ ميپ ڏيڻ بدران پاڻ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته هو اقتدار ۾ واپسي لاءِ ڪنهن به پرڏيهي طاقت جي حمايت نٿا ڪن.عمران خان چيو ته دنيا کي سمجهڻ گهرجي ته طالبان حقيقي آهن، دنيا کي طالبان سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.،،،پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو اقتدار ۾ واپسي لاءِ ڪنهن پرڏيهي طاقت جي حمايت نه ٿو ڪري.پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻه حڪمران خاندان قانون جي بالادستي کان انڪار ڪن ٿا، انهن کي قانون جي بالادستي ۾ آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي.هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مسئلو ڪشمير آهي، ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پرعزم قيادت جي ضرورت آهي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اڳوڻين حڪومتن کي ڪرپشن سبب ختم ڪيو ويو پر اسان واحد حڪومت آهيون جنهن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي جڏهن ته موجوده حڪمران معيشت جو روڊ ميپ ڏيڻ بدران پاڻ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته هو اقتدار ۾ واپسي لاءِ ڪنهن به پرڏيهي طاقت جي حمايت نٿا ڪن.عمران خان چيو ته دنيا کي سمجهڻ گهرجي ته طالبان حقيقي آهن، دنيا کي طالبان سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو