ڪراچي(رپورٽر) بجلي بحران تي ضابطو ڪيئن آڻجي؟ سنڌ حڪومت پرڳڻي ۾ سموريون بازارون، دڪان ۽ شاپنگ مال رات 9 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. وفاقي حڪومت کانپوءِ سنڌ حڪومت به بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ لڳي آهي، سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ بازارون دڪان، مارڪيٽ ۽ شاپنگ مال رات 9 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم ڏيندي نوٽيفڪيشن جاري ڇڏيو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سمورن شادي هالن، بينڪيوئٽز ۾ تقريبون رات ساڍي 10 وڳي تائين ختم ڪرڻجو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڪافي شاپ، هوٽل رات 11 وڳي تائين بند ڪيا ويندا، بيڪريون ۽ کير جا دڪانن تي اها پابندي لاڳو نه هوندي.










