اسلام آباد(بيورو) حڪومت نئين فنانس بل ۾ نان فائلرز خلاف گھيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.نئين فنانس بل موجب ٽيڪس ريٽرن فائل نه ڪرڻ وارا هاڻي بنيادي سهولتن کان به محروم ٿي ويندا جنهن ۾ سندن بجلي، گيس ڪنيڪشن ۽ موبائل فون جون سمون به بند ڪيون وينديون.نئون فنانس بل ايف بي آر کي اهو اختيار پڻ ڏئي ٿو ته اهي ريٽرن جمع نه ڪرائيندڙن کي بنيادي سهولتون بند ڪري سگهن.سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ايف بي آر کي ريٽرن جمع نه ڪرائڻ وارن کي بنيادي سهولتون بند ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ جي به حمايت ڪئي آهي.










