اسلام آباد(بيورو)لوڊشيڊنگ جي عذاب ۾ مبتلا ڪراچي جي عوام کي بجلي جا نوان جھٽڪا ڏيڻ جي تياري ڪئي وئي آهي.نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) اڄ بجلي جي اگهن ۾ واڌ بابت اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. نيپرا جي منظوري سان ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي 10 ارب 93 ڪروڙ رپين جو بار پئجي سگهي ٿو. اڄ ڪي اليڪٽرڪ جي ٽه ماهي فيول ايڊجسٽمينٽ تي به ٻڌڻي ٿيندي، ڪي اليڪٽرڪ فيول ايڊجسٽمينٽ جي اگهن ۾ هڪ رپيو 50 پئسا واڌ جي درخواست ڪئي آهي.










