سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن جو بلدياتي چونڊن بابت اجلاس ٿي گذريو

سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن جو بلدياتي چونڊن بابت اجلاس ٿي گذريو

پنوعاقل(ن سنڌيار)سنڌ هاري ڪاميٽي اڳواڻ ۽ يوسي جوڻاس جي ضلعي ڪوئونسل جي سيٽ جو اميدوار علي محمد جتوئي پنهنجي رهائش گاه هاري هائوس تي سنڌ هاري ڪاميٽي ضلعي سکر جي صدر ڪامريڊ محمد نواز جتوئي سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان عوام جي نمائندا آهيون عوام مان آهيون ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ چاهيون ٿا اسان جي خاندان هميشه علائقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي سنڌ هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان اسان هارين پورهيتن مزدورن جي خدمت ڪئي آهي اميد آهي ته عوام هن دفعي پراڻن آزمايلن کي نه آزمائيندو ۽ پنهجي ووٽ جي صحيح استعمال سان تبديلئ جا بنياد وجهندو اسان چاهيون ٿا ته عوام جو ووٽ عوام جي حقن لاء استعمال ٿئي, وقت بدلجي چڪو آهي هاڻي ڏاڍ جي زور تي اليڪشن کٽڻ جو وقت ويو اڄ جو هي جديد دور آهي هاڻي عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي هن چيو ته باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو پيغام کڻي گهر گهر ڳوٺ ڳوٺ وڃي عوام کي آگاه ڪري رهيا آهيون سندن ووٽ جي اهميت سمجهائي رهيا آهيون هن بلدياتي اليڪشن ۾ تبديلئ جا مضبوط بنياد پئجي چڪا آهن هن دفعي شعوري نوجوان ميدان تي لٿل آهن وڏيرن ڀوتارن پيرن ميرن جي ڌهڪاءُ کي ٽوڙي عوامي سگه سان ميدان ملهائي رهيا آهن هن چيو ته اسان کي تمام سٺي موٽ ملي رهي آهي 26جون تي يوسي جوڻاس جو عوام ٽيليفون جي نشان تي ٺپو هڻي ڪامياب ڪندو اسان هميشه عوامي خدمت جاري رکنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو