اوٻاوڙو(ن سنڌيار)اوٻاوڙو ڀرسان مريد شاخ جي علائقي ۾ پنج مھينا اڳ ھٿياربندن ھٿان زخمي ٿيل ڳوٺاڻو غلام اڪبر ميراڻي پنج مھينا اسپتال ۾ مسلسل علاج ھيٺ ھيو جيڪو زخمن جاسور نه سهندي اڄ فوت ٿي ويو آهي ميراڻي برادري وڏي انگ ۾ گڏ ٿي مريد شاخ جي مين چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي لاش رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن سبب سنڌ پنجاب جي ٽريفڪ بيھجي وئي ۽ گاڏين جو ڊگهيون قطارون لڳي ويون ميراڻي برادري جي مشتعل ھجوم مزاري برادري جي چڱي مڙس جاڳڻ خان مزاري کي ھڪ دڪان اندر يرغمال بڻائي ورتو مظاھرين ايس ايس پي گهوٽڪي ڊي آئي جي سکر ۽ آئي جي سنڌ کان انصاف جي گهُر ڪئي آهي ته ايس ايچ او کنڀڙا موقعي تي فوري طور پھچي حالات تي ضابطو آڻي ورتو فوتي جي مڙھ کي پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪري ڇڏيو آهي










