اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ملٽي نيشنل موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپني ياماها پاڪستان ۾ هلندڙ سال مسلسل ٽيون ڀيرو موٽرسائيڪلن جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو آهي. ياماها پهريون ڀيرو هن سال فيبروري ۾ موٽرسائيڪلن جي قيمت ۾ 10,000 کان 13,000 رپين تائين واڌ ڪئي هئي، ان کان پوءِ اپريل ۾ به ساڳيو واڌارو ڪيو ويو.گذريل ڇهن مهينن ۾ ڪمپنيءَ جون جي شروعات ۾ ٽيون ڀيرو موٽرسائيڪلن جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي ۽ ساڳئي وقت هن ڀيري ڪمپني نه رڳو 15000 روپيا پر 21000 کان 23000 روپين تائين به واڌ ڪئي.ڪمپني جي ويب سائيٽ موجب YBR 125 جي نئين قيمت 23000 رپين جي واڌ کانپوءِ هاڻي 255000 رپيا ٿي ويندي.اهڙي طرح YBR 125G جي قيمت به 23,000 رپيا وڌي 268,500 رپيا ٿي وئي. ڪمپني جي هڪ ٻي سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ موٽرسائيڪل YB125ZDX جي قيمت ۾ به 22,500 جو اضافو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 248,500 تائين پهچي وئي. ياماها جي ‘YB125Z’ سائيڪل جي قيمت به 21,000 روپين کان وڌي 231,500 روپيا ٿي وئي آهي ۽ ڄاڻايل موٽرسائيڪل صرف ٻن رنگن يعني ڪارو ۽ ڳاڙهي ۾ موجود آهي.ان کان علاوه ٻيون سڀئي سائيڪلون ٽن مختلف رنگن يعني ڳاڙهي، ڪارو ۽ نيري ۾ موجود هونديون ۽ انهن جي ڊيزائن ۾ به ڪجهه تبديلي ايندي.










