رٽائرڊ ملازمن پاران گروپ انشورنس جي رقم نه ملڻ خلاف احتجاج

رٽائرڊ ملازمن پاران گروپ انشورنس جي رقم نه ملڻ خلاف احتجاج

دادو(ن سنڌيار)دادو ۾ سرڪاري کاتن جي رٽائرڊ ملازمن پاران گروپ انشورنس جي رقم نه ملڻ خلاف علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري کان دادو پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي مظاهرين پير مٺل، نور الدين ابڙو، غلام قادر هنڱورو، رمضان ڀٽو، مظهر حسين برهماڻي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار پاران رٽائرڊ ٿيل ملازمن کي گروپ انشورنس نه ٿي ڏني وڃي جنهن سبب اسان زندگي جي آخري حصي ۾ غربت ۽ مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، هنن چيو ته سنڌ صوبي جي ڀيٽ ۾ ٻين صوبن جي رٽائرڊ ملازمن کي ڪافي عرصي کان گروپ انشورنس جي رقم ملي رهي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ عدالتي فيصلي باوجود اسان کي گروپ انشورنس نه ٿي ڏني وڃي، مظاهرين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس سميت اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته رٽائرڊ سرڪاري ملازمن کي گروپ انشورنس فوري طور ادا ڪئي وڃي ته جيئن اسان فاقاڪشي واري صورتحال کان بچي سگهون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو