اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي خيبرپختونخواهه اسيمبلي ميمبر فضل الاهي اعتراف ڪيو آهي ته وٽس 24 ڪلاڪ هٿيار هوندا آهن. هڪ وڊيو بيان ۾ پي ٽي آءِ ايم پي اي جو چوڻ هو ته وٽن وٽ 24 ڪلاڪ هٿيار آهن پر لائسنس وارا هٿيار آهن جيڪي هو پنهنجي حفاظت لاءِ رکن ٿا. هن چيو ته لانگ مارچ ۾ اسان جي ڪارڪنن وٽ هٿيار نه هئا، مون وٽ هٿيار هئا ڇو ته مون وٽ چار ڌماڪا ٿيا آهن، مان گلو بٽ کان نه ڊڄان ٿو، انهن لاءِ اسان جا چمچا ڪافي آهن.










