بهاولپور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ٻاهران نه اندران خطرو آهي. مريم نواز جو بهاولپور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چوڻ آهي ته عمران خان پاڪستان کي مهانگائي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، هن پاڪستان کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکڻ کانسواءِ قوم کي ڪجهه ناهي ڏنو.سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي ڪنهن دشمن کان نه فتني ۽ فساد مان خطرو آهي جنهن جو نالو عمران خان آهي. هن چيو ته هي ناڪامي کانپوءِ چوي ٿو ته منهنجو لانگ مارچ ان لاءِناڪام ٿيو جو تياري نه ڪئي هئي، سندس ٻيو لانگ مارچ به خراب نموني ناڪام ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته هي پهريان ادارن کي سياست ۾ ڌڪي ٿو پوءِ وري ادارن کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو، ڇا عدالتن جو اهو ڪم رهجي ويو آهي ته جتي عمران ناڪام ٿئي اتي هو مدد لاءِ اچن؟مريم نواز وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ کي ادب سان چوان ٿي ته هن جي سياست کان پري رهن.










