ياسين ملڪ کي عمر قيد جي سزا تي ڳڻتي جو اظهار

ياسين ملڪ کي عمر قيد جي سزا تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد(بيورو)اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ڀارت طرفان ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي عمر قيد جي سزا تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. او آءِ سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ياسين ملڪ ڪشمير جو اهم ترين اڳواڻ آهي جيڪو آزادي جي پرامن جدوجهد جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪشميرين جي آزادي جي حقيقي جدوجهد کي دهشتگردي سان نه ڳنڍيو وڃي، ڀارت کان سمورن ڪشميري اڳواڻن جي آزادي ۽ والاريل ڪشمير ۾ مظالم فوري بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو