میرپور ماٿيلو(ظهير وسير) مسو واه آر ڊي 78 وٽ 5خميس تي شام جو ٻڏي ويل هڪ ئي گهرجي 5 ڀاتين جا لاش اڃا نه مليا. 15 ڪلاڪن بعد ضلعي انتظاميا نيوي جا ٽوٻا گهرائي ڳولا شروع ڪرائي آهي. انهن به سڄو ڏينهن ڳولا ڪئي پر کين لاش نه مليا، ڳوٺاڻن بمبلي مائنر مان هڪ عورت ڪويتا جو لاش هٿ ڪري وارثن ڏانهن اماڻي ڇڏيو.

گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنر محمد خالد سليم ٻڌايو ته نيوي جا ٽوٻا اچي ويا آهن ۽ اميد آهي ته جلد لاش هٿ اچي ويندا. خميس تي شام جو مٽي جي تيز طوفان سبب حادثو پيش آيو هو. ميگهواڙ برادري جا پنج گهر ڀاتي جن م هڪ مرد ٻه عورتون ۽ ٻه ٻارڙا شامل هئا، اهي ٻڏي ويا هئا. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ڳولا شروع ڪئي هئي پر کين لاش هٿ نه اچي سگهيا هئا.










