بلاول ڀٽو جي چيني هم مصب سان اهم ملاقات

بلاول ڀٽو جي چيني هم مصب سان اهم ملاقات

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آچر تي گوانگزو ۾ چين جي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي سان ملاقات ڪئي، وانگ زي جي دعوت تي پنهنجي پهرين ٻطرفي دوري تي بلاول ڇنڇر تي چين پهتو.. پ پ جي ميڊيا سيل موجب بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هم منصب سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پڻ ملاقات ۾ موجود هئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 71 هين سالگرهه جي ياد ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون. بلاول چيني هم منصب سان تفصيلي مشاورت ڪئي، جنهن دوران ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو، خاص طور تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط واپاري ۽ اقتصادي تعاون تي فوڪس ڪيو ويو.


بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”تبديلي واري چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پي اي سي) تي تيز رفتار پيش رفت، صدر شي جن پنگ جي ويزنري بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جو اهم ترين منصوبو آهي، ان تي ڪم تيز ڪرڻ ۽ رڪاوٽون ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي پاسن کان اهم علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي ويندي، هن وڌيڪ چيو. چين جي سرڪاري اخبار گلوبل ٽائمز موجب پرڏيهي وزير جو دورو چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي، جنهن ۾ تازو ئي چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ جو وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد جو پيغام ۽ ٽيليفونڪ رابطو پڻ شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو