ڪراچي ۾ گرمي جو زور ٽٽي چڪو ، هوائون هلڻ شروع

ڪراچي ۾ گرمي جو زور ٽٽي چڪو ، هوائون هلڻ شروع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ هن وقت گرمي جو زور ٽٽي چڪو آهي.چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز چيو ته ڪراچي ۾ موسم بهتر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ اڄ شهر ۾ سامونڊي هوائون سٺي رفتار سان هلي رهيون آهن.سردار سرفراز چيو ته اڄ شهر جو گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي پر 23 مئي تي موسم گرم رهندي ۽ پارو 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب جون جي پهرين هفتي تائين گجگوڙ ۽ گرم موسم گهٽ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾ سخت گرمي جي لهر 23 مئي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو