حمزا جي حلف برداري خلاف داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور

حمزا جي حلف برداري خلاف داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي به پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. پرويز الاهي طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ حمزه شهباز ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، جڏهن ته درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حمزا شهباز وڏي وزير جي چونڊ لاءِ گهربل ووٽ حاصل نه ڪيا ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ حمزا وٽ ووٽ ناهن،.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ڊپٽي اسپيڪر حمزه شهباز کي وڏي وزير جي چونڊ ۾ بنا جواز ڪامياب قرار ڏنو، تنهن ڪري حمزا شهباز کي درخواست جي حتمي فيصلي تائين وڏي وزير جي عهدي تان معطل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون وڃن.درخواست تي ٻڌڻي ٿي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر ڀٽي حمزه شهباز جي حلف برداري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ جو وڪيل بئريسٽر علي ظفر ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.پي ٽي آءِ جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته وڏي وزير جي چونڊ عدالتي حڪم تي 16 اپريل تي ٿي، جنهن تي جسٽس امير ڀٽي رمارڪس ڏنا ته اها خوبصورتي آهي ته چونڊون ٿينديون رهن.بئريسٽر علي ظفر چيو ته سپريم ڪورٽ واضح ڪيو هو ته منحرف ميمبرن جا ووٽ نه ڳڻيا ويندا، جنهن کانپوءِ حمزه شهباز به حلف کنيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سوال ڪيو ته قانون تي عمل ڪڏهن ٿيندو؟ اهو ڏسڻو آهي ته ڇا کنيل قدمن کي رد ڪيو ويندو. ڇو نه ٻڌڻي جي درخواست قبول ڪئي وڃي ۽ ٻئي ڌر کان جواب حاصل ڪيو وڃي. بعد ۾ عدالت پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جي حلف برداري خلاف داخل درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي حمزه شهباز سميت ڌرين کي 25 مئي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو