اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنجاب اسيمبلي جي 25 منحرف ميمبرن جي مستقبل جو فيصلو سڀاڻي ٻڌائيندو.اليڪشن ڪميشن جو اڄ فيصلو ٻڌائڻ جو آخري ڏينهن آهي، اليڪشن ڪميشن ميمبرن خلاف ريفرنس تي 30 ڏينهن اندر فيصلو ڏيڻ جو پابند آهي. اليڪشن ڪميشن اڱاري تي ان ريفرنس تي فيصلو محفوظ ڪيو هو ۽ فيصلو سڀاڻي 3 وڳي ٻڌايو ويندو.










