مراد  شاهه جي وزيراعظم سان ملاقات

مراد شاهه جي وزيراعظم سان ملاقات

اسلام آباد(بيورو)وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪري سنڌ ۾ پاڻي بحران ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردي جي لهر سوڌو ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ٿيل تازو ڌماڪن ۽ اُنهن جي جاچ بابت وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ ڏني، جڏهن ته پاڻي ورڇ ۾ ارسا جي تڪراري ڪردار تي به خدشن جو اظهار ڪيو وزيراعظم چيو آهي ته شرپسندن کي ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي، ڪراچي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ صوبائي حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو