دهشتگردي کي هر قيمت تي ڪچليو وڃي، مراد شاهه

دهشتگردي کي هر قيمت تي ڪچليو وڃي، مراد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس عملدارن کيس ڪراچي جي علائقي کھارادر ۾ ٿيل بم ڌماڪي تي بريفنگ ڏني.ذريعن موجب ڪراچي جي علائقي کھارادر ۾ ٿيل بم ڌماڪي کانپوءِ گذريل رات سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مراد علي شاهه چيو ته لڳي ٿو ته دهشتگرد متحرڪ ٿي ويا آهن، پوليس ۽ انٽيليجنس ادارا پنهنجو تيز رفتار سان ڪن.اجلاس دوران وڏي وزير کي پوليس پاران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڌماڪي ۾ 4 ڪلو بارودي مواد سان گڏ بال بيرنگ پڻ استعمال ڪيا ويا. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سڪيورٽي اهلڪارن کي هدايت ڪئي ته دهشتگردن هر صورت ۾ جيل ۾ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو