بزنس ڪائونسل پاران تيل تي سبسڊي جو مطالبو

بزنس ڪائونسل پاران تيل تي سبسڊي جو مطالبو

ڪراچي(بزنس رپورٽ)پاڪستان بزنس ڪائونسل تيل تي ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.پاڪستان بزنس ڪائونسل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاشي استحڪام جا سمورا رستا انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) مان گذرن ٿا ۽ جيڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام بحال نه ٿيو ته دوست ملڪن کان مدد جي توقع ناهي. پاڪستان بزنس ڪائونسل مطالبو ڪيو ته ايندھن تي سبسڊي ڏيڻ بدران سڀني کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني وڃي، حڪومت کي گهرجي ته تيل جي استعمال ۽ درآمد کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پر عمل نه ڪرڻ جا سنگين نتيجا نڪرندا. پاڪستان بزنس ڪائونسل وڌيڪ چيو ته تيل تي سبسڊي جاري رهي ته ملڪ مهانگائي کان بچي نه سگهندو، بهتر هوندو ته وڌيڪ معاشي مشڪلاتن کان بچڻ لاءِ ڪو فيصلو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو