اوگرا جي سمري رد، پيٽروليم شين جون قيمتون برقرار، نوٽيفڪيشن

اسلام آباد(بيورو)حڪومت پيٽروليم شين جون قيمتون برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جون قيمتون برقرار رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت 149 رپيا 86 پئسا في ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 144 رپيا 15 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزارت موجب گاسليٽ جي قيمت 125.56 رپيا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت 118.31 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت اوگرا جي سمري رد ڪري ڇڏي آهي.ان کان اڳ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته حڪومت جو پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ في الحال واڌ جو ڪو به ارادو ناهي، وزيراعظم شهباز شريف عوام تي بار وجهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان واعدو ڪيو هو ته پيٽروليم شين تي سبسڊي ختم ڪنداسين، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪنداسين ۽ مسئلا خوشيءَ سان حل ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو