ملڪي معاشي صورتحال خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي: اسد عمر

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪي معاشي صورتحال ڏينهون ڏينهن خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي، فيصلا ڪرڻ بند ٿي ويا آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر چيو ته مفتاح اسماعيل شهباز شريف کي ۽ شهباز شريف اسحاق ڊار کي ڏسي رهيو آهي. اسد عمر وڌيڪ چيو ته اسحاق ڊار نواز شريف کي ڏسي رهيو آهي ۽ نواز شريف آصف زرداري کي ڏسي رهيو آهي ۽ آصف علي زرداري جي خبر ناهي ته هو ڪنهن ڏانهن ڏسي رهيو آهي.اڳوڻي وزير چيو ته عوام جو هاڻي غصو ڪاوڙ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي، وقت گذري رهيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو