ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ انسداد منشيات واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ٽيڪس نه ادا ڪندڙ گاڏين جي مالڪن جي سهولت لاءِ موقعي تي ئي ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته ايڪسائيز کاتي سنڌ ٽيڪس نه ادا ڪندڙ گاڏين جي مالڪن کان ٽيڪس وصولي جي روڊ چيڪنگ مهم 16 مئي کان 03 جون تائين جاري رهندي. ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ انسداد منشيات واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي هدايت تي پهريون دفعو گاڏين جي مالڪن جي سهولت لاءِ موقعي تي ئي ٽيڪس ادائيگي جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي آهي. پهريون مرحلي ۾ اها سهولت صرف ڪراچي ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي. اڳلي مرحلوي ۾ ان جو دائرو ڪار صوبي جي ٻين ضلعن تائين وڌايو ويندو. هاڻي ٽيڪس نه ادا ڪندڙ پنهنجا ٽيڪسز روڊ چيڪنگ مهم جي دوران ئي ادا ڪري سگهن ٿا. صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ انسداد منشيات مڪيش ڪمار چاولا پنهنجي هڪ بيان ۾ ٽيڪس نه ادا ڪندڙ گاڏين جي مالڪن کان درخواست ڪئي ته روڊ چيڪنگ مهم شروع ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجا ٽيڪسز جمع ڪرائين ته جيئن انهن کي ڪنهن به ناخوشگوار صورتحال جو منهن ڏسڻو نه پوي.










