ناظم جوکيو ڪيس، 23 مئي تي ٻڌايو ويندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم لڳڻ يا نه لڳڻ بابت محفوظ ٿيل فيصلو ٻيھر 23 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آھي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنھن دوران نيشنل ڪميشن فار ھيومن رائيٽس جو وڪيل جبران ناصر پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته ناظم جوکيو ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ٿيل آهي جبران ناصر موجب نيشنل ڪميشن فار ھيومن رائيٽس جي درخواست تي عدالت 20 مئي لاءِ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪيا آھن، ان ڪري عدالت کي استدعا آھي ته اڄ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي عدالت نيشنل ڪميشن فار ھيومن جي استدعا تي ٻڌڻي ملتوي ڪندي چيو ته ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ھلندو يا نه ان حوالي سان فيصلو ھاڻي 23 مئي تي ٻڌايو ويندو ان کان اڳ پوليس، پراسيڪيوشن، فريادي افضل جوکيو ۽ ناظم جي بيواهه شيرين جوکيو ناظم جوکيو قتل ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ھلائڻ جي مخالفت ڪئي ھئي پراسيڪيوشن موقف اختيار ڪيو هو ته ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم لاڳو نٿا ٿين ۽ جوابدارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ھو ته ناظم جوکيو ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نه ٿو ھلي سگھي نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس ناظم جوکيو ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست داخل ڪئي ھئي ۽ اين سي ايڇ آر جو موقف آھي ته ناظم جوکيو جي قتل سان عوام ۾ خوف حراس ۽ دھشت پکڙي ان ڪري ناظم جوکيو جو ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلايو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو