شهيد ڀٽو جي مزار تي ڪم ڪندڙ ملازمن جو احتجاج

شهيد ڀٽو جي مزار تي ڪم ڪندڙ ملازمن جو احتجاج

نئون ديرو(رپورٽ شاد محمود ڀٽو)شهيدن جي شهر ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي شهيدن جي مزار تي 14سالن کان ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو نه ٿي سگ.هيو ملازمن پاران روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪري مظاهرو ڪيو ويو ۽ ٽائر ساڙي روڊ بند ڪيو ويو،پيرائتي خبر موجب شهيدن جي شهر ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزار تي ڏينهن رات ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو نه ٿي سگهيو 14 سالن کان 5 ھزار ۽ 7 ھزار پگھار کڻندڙ ملازمن پاران روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ويو۽ روڊ تي ڌرڻو لڳايو ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي عدنان علي ابڙو، شاهد حسين لغاري، ظفر علي لغاري،عبدالحفيظ لغاري،حبدار علي لغاري،مختيارعلي لغاري دلشاد علي ڀٽو، عبدالفتاح ڀٽو چيو ته اسان کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن پاران ڪيل واعدا پورا نه ٿي سگهيا آھن گذريل 15 سالن کان سنڌ تي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ھجڻ باوجود ايم اين اي بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپور جي تڪ جا ملازمن سان انصاف نه ٿي سگهيو آھي هنن وڌيڪ چيو ته اسان اڳوڻو صدر آصف علي زرداري آڏو به عرض رکيو ھو پر هن وقت تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي ڪٿي ائين نه ٿي جو لاڙڪاڻو جيان ھن سيٽ تان به اوهان کي شڪست ملي اوهان 35 ملازمن جي دلين کي کٽي ناھيو سگهيا ته عوام جون دليون ڪيئن کٽندا هنن وڌيڪ چيو ته ھن وڌندڙ مهانگائي ۾ اسان جو گذر سفر تمام ڏکيو ٿي رهيو آهي اسان جي ٻچڙن فاقاڪشي ڪاٽي رهيا آهن اسانجي ٻچڙن تي رحم ڪري اسان کي پگهارون نئون ديرو هائوس جي ملازمن سان برابر ڪيون وڃن اسان پي پي پي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري،پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ،ميڊم فريال ٽالپر سميت سي ايم سنڌ کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي پگهارن ۾ اضافو ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان جي ٻچڙن تي رحم کائي اسان جو جائز مسئلو حل ڪيو وڃي ،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو