لاهور(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ پرويز الاهي جي حڪومت جي ڪم کي اڳتي وڌايو. وزيراعظم شهباز شريف لاهور جي سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جو دورو ڪيو ۽ طبي عملي سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي اسپتال ۾ طبي سهولتن جي فراهمي بابت آگاهه ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سياسي اختلافن کي پوئتي ڇڏي اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته پنجاب ۾ پرويز الاهي جي حڪومت جي ڪم کي اڳتي وڌايو. شهباز شريف اهو به چيو ته جيڪڏهن ميان منشا چئن صوبن ۾ اهڙيون اسپتالون ٺاهڻ لاءِ 4، 6 ارب رپيا خرچ ڪري ته عوام کيس هميشه سٺن لفظن ۾ ياد ڪندو.
مشهور خبرون










