ترقياتي منصوبن ۾ دير تي وزير پاران ڪاوڙ جو اظهار

ترقياتي منصوبن ۾ دير تي وزير پاران ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز کاتي واري وزير سيد ضياءُ عباس شاهه لاڙڪاڻي ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن جو اوچتو دورو ڪيو. ان موقعي تي صوبائي بلڊنگ سيڪٽر تحت هلندڙ 5 ترقياتي منصوبن ۾ دير ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. انهن منصوبن ۾ لاڙڪاڻو سرڪٽ هائوس، ججز لاجز، فوڊ ڪوٽ، ڪمشنر ايڊيشنل بلاڪ ۽ اسپورٽس ڪمپليڪس شامل آهن. سيد ضياءُ عباس شاهه هلندڙ ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته وڌيڪ دير ڪرڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل انجنيئرز خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. ان بعد صوبائي وزير روڊن جي تعمير ۽ استر ڪاري جي هلندڙ منصوبن جو پڻ دورو ڪيو ۽ روڊن جي ترقياتي ڪم ۽ لاڳاپيل انجنيئرز جي تعريف ڪندي چيو ته روڊن جي تعمير سان معيشت تي پازيٽو اثر پون ٿا. سيد ضياءُ عباس شاهه وڌيڪ چيو ته پٺتي پيل علائقن جي شهرن سان رابطو مقامي ماڻهن جي روزگار ۾ آساني پيدا ڪندو آهي. سيد ضياءُ عباس شاهه چيو ته سموري صوبي ۾ روڊن جو ڄار وڇائڻ سان معاشي سرگرميون وڌيڪ تيز ٿينديون جڏهن ته روڊن جي تعمير سان مقامي ماڻهن کي اچ وڃ ۽ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ ۾ مدد ملندي . ان دوري کانپوءِ صوبائي وزير لاڙڪاڻو ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ موقعي تي ئي حڪم جاري ڪيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو