ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، ميونسپل ڪمشنر سيد افضل زيدي، ڊائريڪٽر جنرل پارڪس جنيد الله خان، سينيئر ڊائريڪٽر ريڪريشن منصور قاضي، قانوني صلاحڪار عذرا مقيم، سينيئر ڊائريڪٽر ثقافت ۽ اسپورٽس سيف عباس، سينيئر ڊائريڪٽر فنانس بلال منظر، سينيئر ڊائريڪٽر انفارميشن اينڊ پرنٽنگ اينڊ ميڊيا مئنيجمينٽ علي حسن ساجد، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر سڪندر بلوچ ۽ ٻين عهديدارن ڪي ايم سي جي سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز مظهر خان جي سَسُ بشرا بيگم جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مظهر خان کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ الله پاڪ مرحومه کي جنت عطا فرمائي، سندس جنازي نماز سومر ڏينهن مدينا مسجد فيڊرل بي ايريا ۾ ادا ڪئي وئي جڏهن ته تدفين سخي حسن قبرستان ۾ ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ مٽن مائٽن، ڪي ايم سي ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن، ملازمن ۽ عزيزن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ مظهر خان سان سندس لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي










