شيخ راشد شفيق جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

شيخ راشد شفيق جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

اٽڪ(ويب ڊيسڪ)ڊيوٽي مئجسٽريٽ شيخ رشيد جي ڀائٽي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شيخ راشد شفيق کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. مسجد نبوي ۾ نعريبازي ڪرڻ تي داخل ڪيل ڪيس ۾ شيخ راشد شفيق کي ٻيهر ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ان کان اڳ مئجسٽريٽ جي عدالت کيس هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هو. درخواست گذار جي وڪيل شيخ احسن الدين ايڊوو ڪيٽ چيو ته شيخ راشد شفيق تي مسجد نبوي جي توهين جو ڏوهه ثابت ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو