ڪي ايم سي بلڊنگ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد

ڪي ايم سي بلڊنگ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪي ايم سي بلڊنگ ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي اليون ۽ وزيراعليٰ سنڌ اليون جي وچ ۾ دوستانه نائيٽ ڪرڪيٽ ميچ کيڏي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه خاص طور تي شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي ٽيم جي اڳواڻي ڪئي،وڏو وزير اوچتو ڪي ايم سي بلڊنگ پهتو ۽ ڪي ايم سي جي آفيسرن ۽ مختلف کاتن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي ۽ هڪ دوستانه ميچ کيڏيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مرتضي وهاب مونکي شهر جو دورو ڪرڻ ۽ هي ميچ کيڏڻ جي دعوت ڏني وئي هئي ۽ ايم سي بلڊنگ ۾ آفيسرن جي وچ ۾ دوستانه ميچ به ٿي رهي هئي مان به شاگردي واري زماني کي يادون تازيون ڪرڻ آيو آهيان. وڏي وزير جي ٽيم ۾ فياض ٻٽ، سيڪريٽري بلديات سيد نجم علي شاهه، ۽ ميٽروپوليٽن ڪمشنر افضل زيدي شامل هئا، جڏهن ته ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضي وهاب جي ٽيم ۾ ڪي ايم جي مختلف کاتن جا سربراہ ۽ ٻيا آفيسر شامل هئا، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضي وهاب چيو ته هن نائٽ ميچ جو مقصد ڪراچي جي رونقن ۾ اضافو ڪرڻ آهي . نائيٽ ڪرڪيٽ ميچون ڪراچي جي سڃاڻپ بڻجي چڪيون آهن ۽ هن ڀيري ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بيشمار هنڌن تي نائيٽ ڪرڪيٽ ميچون منعقد ٿي رهيون آهن، جيڪو ان ڳالهه جي علامت آهي ته شهر ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال بهتر آهي ۽ ڪراچي جا شهري روايتي انداز سان رمضان شريف گذاري رهيا آهن. الله تعالٰي کان دعا آهي ته هن شهر جون خوشيون هميشه قائم ۽ دائم رکي، ان بعد سنڌ جي وڏي وزير ڪي ايم سي جي تاريخي عمارت جو دورو ڪيو ۽ سٽي ڪائونسل جي مرمتي ڪم جو پڻ معائنو ڪيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪي ايم سي بلڊنگ جي ڇت تان شهر جو نظارو ڪيو ۽ صورتحال جو جائزو ورتو

پهنجو تبصرو موڪليو