فواد پاران عمران،نواز،زرداري جي دورن جي لسٽ جاري

فواد پاران عمران،نواز،زرداري جي دورن جي لسٽ جاري

اسلام آباد: (بيورو) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري پي ٽي آءِ، مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جي دور دوران آمريڪي دوري جا تفصيل شيئر ڪري ڇڏيا آهن. اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري نوازشريف، آصف زرداري ۽ عمران خان جي آمريڪي دوري جو جائزو پيش ڪري ڇڏيو. هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽر تي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ ٽنهي اڳواڻن جي دورن جا خرچ ٻڌايا ويا آهن. فواد چوڌري تفصيل شيئر ڪندي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته فرق ڏسي جيئو.فواد چوڌري پاران شيئر ڪيل تفصيلن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته نوازشريف آمريڪي دوري تي 5 لک 50 هزار ڊالر خرچ ڪيا. نوازشريف جي آمريڪي دوري تي 16 لک 42 هزار ٽي اي ڊي اي به شامل آهي.هن چيو ته آصف زرداري آمريڪي دوري دوران 7 لک 52 هزار ڊالر خرچ ڪيا. آصف زرداري جي آمريڪي دوري تي 21 لک 22 هزار روپيه ٽي اي ڊي اي جي مد ۾ ورتا ويا. فواد چوڌري موجب عمران خان جي آمريڪي دوري تي 60 هزار ڊالر خرچ ٿيا. عمران خان آمريڪي دوري تي ڪوبه ٽي اي ڊي اي ناهي ورتو. تصوير ۾ تفصيلن سان گڏ لکيل آهي ملڪ جي خدمت ڪندڙ ۽ ڦريندڙن ۾ فرق.

پهنجو تبصرو موڪليو