دريا خان ۾ گهر کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باھ

دريا خان ۾ گهر کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باھ

ٺاروشاھ (رپورٽر راشد علي ميمڻ)ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ درياء خان ڏهراج ۾ سائين داد مري جي گهر کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باھ لڳي وئي آهي جڏهن ته باھ لڳڻ سبب گهرن ۾ بيٺل چوپايو مال هنڌ بسترا سولر پليٽون ۽ ٻيو ضروري سامان سڙي رک ٿي ويو آهي جڏهن ته باھ کي وسائڻ لاء فائر برگيڊ توڙي سيپڪو عملو به واقعي واري هنڌ ناهي پهتو ٻئي پاسي ڳوٺاڻن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته بجلي جي تارن مان ڪرنٽ اسپاڪنگ ٿيڻ سبب گهرن کي باھ لڳي آهي فائر برگيڊ ۽ سيپڪو عملي جي نه اچڻ سبب الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو آهي هوڏانهن متاثر ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺان بي يارو مددگار ويٺل آهن جن جي ضلع انتظاميا توڙي تڪ جي چونڊيل نمائندن سميت ڪنهن متاثر ڳوٺاڻن جي واهر ناهي ڪئي..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو