ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جو واقعو پاڪستان تي حملو آهي. پيپلز پارٽي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) جع اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ سي اي سي جي هائبرڊ اجلاس ۾ سڄي ملڪ مان اڳواڻ شريڪ ٿيا، جنهن ۾ ڪراچي دهشتگردي واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو. پ پ چيئرمين چيو ته سي اي سي کي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ڌماڪي بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ڪراچي ۾ دهشتگردي جو واقعو پاڪستان تي حملو آهي، هي ملڪ جي ترقي خلاف سازش آهي.بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ڌماڪو بلوچ ڀيڻ ڀائرن جي حقن جي نالي تي ڪيو ويو آهي، پڇان ٿو اسان جي نوجوانن کي بم ۾ تبديل ڪري ڪيئن حق وٺي سگھو ٿا، بلوچ نوجوانن کي چوڻ چاهيان ٿو ته توهان مان ڪجهه ماڻهو ناراض آهن، پرامن جدوجهد سان حق وٺي سگھجن ٿا، سمورن مسئلن جو حل جمهوريت ۾ آهي.هن وڌيڪ چيو ته غير جمهوري شخص اسان تي مڙهيو ويو هو، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي، اسان ضياءُ الحق، مشرف ۽ سليڪٽڊ جي نظام جو مقابلو ڪيو، 9 اپريل جي سازش ۾ ڊپٽي اسپيڪر سان گڏ اسپيڪر ۽ صدر به ملوث هئا.سندس چوڻ هو ته آئين ٽوڙيو ويو، ڪاغذ سمجهي ڦاڙيو ويو، اسان جي آئين، جمهوريت ۽ پارليامينٽ تي حملي جي جاچ ٿيڻ گھرجي، ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گھرجي ته رات جي اونداهي ۾ ڇا ٿيو.هن چيو ته عمران خان جي سياست ڪوڙ تي ٻڌل آهي، اڳوڻو وزيراعظم ”مونکي ڇو نه بچايو“ جي مهم هلائي رهيو آهي، هر اهو ادارو عمران خان جي بندوق جي نشاني تي آهي، جنهن خان صاحب کي ناهي بچايو، هڪ شخص جي ڪري سمورا ادارا تڪراري بڻجي ويا هئا، سمورن ادارن کي قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ گھرجي، اميد ڪيون ٿا ته سمورا ادارا آئيني ڪردار ادا ڪندا، تڪراري ڪردار نه.بلاول ڀٽو زرداري اهو به چيو ته نواز شريف افطاري تي پنهنجي گھر گھرايو هو، اسان اهم فيصلا ورتا آهن، ن ليگ سان گڏجي ڪم ڪنداسين، ميثاق جمهوريت تي عمل ٿيندو، اسان عمران خان کي گھر اماڻيو آهي، مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، چونڊ سڌارا ضروري آهن.










