اسلام ڪوٽ (ن سنڌيار)شهر ڇاڇرو ۾ گذريل ٻن مهينن کان بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، پاڻيءَ جي شديد بحران، صفائي سميت شهر ۾ بنيادي سهولتن جي اڻهوند وڌي وئي، انتظاميا منظر عام تان غائب، عوام مشڪلاتن کي منھن ۾، چونڊيل نمائندن به سار نه لڌي! خبر موجب: ضلعي ٿرپارڪر جي شهر ڇاڇرو ۾ گذريل ٻن مهينن کان بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو آھي، شهر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آھي گڏوگڏ صفائي سٿرائي جو نظام به درھم برھم بڻيل آھي انھيءَ سلسلي ۾ شهر جي رھواسين ريجهو مل لڌاڻي، يوسف بجير ۽ شهر جي مختلف پاڙن جي نوجوان جو چوڻ ھو تہ: ڇاڇرو شهر ۾ ورهين کان پاڻيءَ بحران باوجود پبلڪ هيلٿ انتظاميه ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو آھي انھيءَ حوالي سان عوام جون شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڇاڇرو ۾ پبلڪ هيلٿ جي آفيس بہ ناهي، انجنيئر، سب انجنيئر ۽ ايس ڊي او سميت 40 کان وڌيڪ مقرر سموري عملو غائب آهن، سڄو وهنوار هيٺين ملازمن جي حوالي ٿيل آهي، شهر جا 9 ٽيوب ويل ۽ 2 هيوي پاور جا جرنيٽر 10 سالن کان ناڪاره لاوارث حالت ۾ پيل آهن، ڪروڙن جي مشينري زنگجي ڪٽجي تباھ ٿي وئي آهي، شهر ۾ پاڻيءَ سپلائي جي پائيپ لائين هنڌان هنڌان ٽٽل آهي، مين پائيپ لائين جا سمورا 55 وال خراب هجڻ ۽ سموري مين لائين ۾ بااثرن جا غير قانوني ڪنيڪشن، مٺي پاڻيءَ جو وڪرو ٿيڻ، پاڻيءَ فراهمي جو ڪوبه ٽائيم شيڊول نه هجڻ، مهيني مهيني تائين پاڻيءَ نه ملڻ ۽ عوامي بجيٽ ڪوڙن بلن ذريعي ڪرپشن جي ورچڙهي وڃڻ سميت پبلڪ هيلٿ کاتي جي سموري نااهليءَ جي خلاف سڀاڻي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڇاڇرو جي عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو آھي، وڌيڪ انھن چيو تہ شهر ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي آزار سميت بنيادي سهولتن جي اڻهوند سبب عوام مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو انھن ڊي سي ٿر ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کان مسئلن جي حل لاءِ فوري طور قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آھي!










